پرهياڙ مير محمد

پرهياڙ، مير محمد: مير محمد پرهياڙ جو شمار سنڌ جي علم دوست ڪامورن ۾ ٿئي ٿو. سندس والد جو نالو حاجي عبدالله پرهياڙ آهي. سندس جنم 1- جولاءِ 1951ع تي بدين ضلعي ۾ ٿيو. ايم. اي ڪرڻ بعد فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان ڏئي، سول سروس ۾ 1980ع کان شامل ٿيو. 1983ع کان 1984ع تائين سيوهڻ جو اسسٽنٽ ڪمشنر 1984ع ۾ ميهڙ جو اسسٽنٽ ڪمشنر، 1987ع ۾ ٿرپارڪر جو ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر، 1988ع ۾ ڪولونائيزيشن آفيسر- سکر بئراج، ساڳئي سال ڊپٽي ڪمشنر دادو، جڏهن ته 1990ع ۾ نوابشاهه ۽ 1992ع کان مئي 1993ع تائين نوشهري فيروز جو ڊپٽي ڪمشنر بڻيو. ساڳئي سال 1993ع ۾ بورڊ آف روينيو جو سيڪريٽري مقرر ٿيو.
هو 1996ع کان 1997ع تائين تعليم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري کاتي ۾ ڊپٽي فائينيئس ايڊوائيزر، 1997ع کان 1999ع تائين گهرو کاتي جي سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾ پنهنجي ذميواري نڀايائين. 2000ع ۾ ڊائريڪٽر جنرل، رورل ڊيولپمينٽ، سنڌ مقرر ڪيو ويو. پاڻ 2001ع کان 2002ع تائين جيڪب آباد جو ڊي. سي. او رهيو. 2002ع ۾ کيس سيڪريٽري آبپاشي کاتو، سنڌ مقرر ڪيو ويو. هو ساڳئي سال ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي هڪ پراجيڪٽ جو ڊائريڪٽر جنرل مقرر ٿيو. جڏهن ته 2003ع ۾ خوراڪ کاتي، سنڌ جي سيڪريٽري طور ذميواريون نڀايائين. 2004ع کان 2005ع تائين ايڪسپورٽ پروموشن بيورو جو ڊي. جي به رهيو، ان بعد مختلف ذميوارين تي بدلي ٿي، 2008ع ۾ ٻيهر آبپاشي کاتي جو سيڪريٽري، ان بعد آڪٽوبر 2008ع کان آگسٽ 2009ع تائين لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز کاتي جو سيڪريٽري مقرر ٿيو، مير محمد پرهياڙ ’انڪوائريز ۽ اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ جو چيئرمئن رهيو.
مير محمد پرهياڙ مختلف موقعن تي اخبارن ۽ رسالن ۾ سنڌ جي سماجي ۽ اقتصادي مسئلن تي مضمون لکندو رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو